سليمان ڪورائي فقير

سليمان ڪورائي فقير: ڪافيءَ جو مشهور شاعر سليمان ولد محراب خان ڪورائي، ڳوٺ ٻڍو خان (شاهو خان ڪورائي)، تعلقي ساماري جو رهاڪو هو. اصل صوفي فقير جي ڀر جو هو. سندس جنم 1246هه/ 1830ع ۾ ٿيو. محمد عالم ڏيري ڀٽ واري، جيوڻ نُون، منٺار فقير راڄڙ، پير فضل علي شاهه ساگري واري ۽ محمد فقير کٽياڻ سان سندس ڪچهريون ٿينديون هيون. فضل علي شاهه وٽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. ان وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه هئي. 1364هه/ 1945ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
وڻ ولايت واٽون واسي، سامي سرها آيا،
سامي سرها آيا، ساڪن سر صورت سمجهايا،
طرف طمع جا ترڪ ڪري، پرت کڻي ٿيا پاسي،
گُرمک گوهر گنگا گڏيا، پيچ پورب جا پايا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو